Jump to content

پاليسي:وڪمیڊیا فائونڊیشن اسڪالرشپ ياترا پاليسي

From Wikimedia Foundation Governance Wiki
This page is a translated version of the page Policy:Wikimedia Foundation Scholarship Travel Policy and the translation is 57% complete.
Outdated translations are marked like this.

وڪيميڊيا فائونڊيشن ("ڊبليو ايم ايف") سمجهي ٿي ته وڪييميڊيا رٿائن جي مستقبل جي واڌاري لاءِ ڪميونٽي ميمبرن جو آمهون سامهون ملڻ ضروري آهي. وڪييميڊيا ھلچل ۾ ڪميونٽي ميمبرن جو لاڳاپو ۽ شموليت کي مڃڻ لاءِ، فائونڊيشن ڪيترن ئي اهڙن واقعن لاءِ سفري اسڪالرشپ آڇي ٿي. هي پاليسي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ته وڪيميڊيا فائونڊيشن جي طرفان سفر ڪندڙ اسڪالرز سان نياءُ ڪيو وڃي، ان ڳالهه کان ھٽي ڪري ته اهي ڪهڙي واقعي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. مهرباني ڪري نوٽ ڪريو ته اسڪالرشپ _رڳو انهن لاءِ موجود آهي، جيڪي درخواست جمع ڪرائڻ جي وقت 18 سالن يا ان کان وڏي عمر جا هجن.

  • وڪيميڊيا فائونڊيشن جي سفري اسڪالرشپ ۾ منظور ٿيل آمد ۽ روانگيءَ جي تاريخن تي مسافر جي گهر واري هوائي اڏي ۽ منزل واري شهر جي وچ ۾ رائونڊ ٽرپ (اَڃاين ۽ موٽ) اڪانامي ڪلاس هوائي ٽڪيٽ شامل آهي. مسافر جي سفرنامي ۾ سفر جون تاريخون يا هوائي اڏي تبديل ڪرڻ جون درخواستون قبول نه ڪيون وينديون، جيستائين ان لاءِ ڪو واضح سبب نه هجي.
  • وڪيميڊيا فائونڊيشن لاءِ سفر ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪندي، مسافر تسليم ڪري ٿو ته هر سفر ۾ صحت ۽ حفاظت جا خطرا موجود هوندا آهن، ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن کي اڳواٽ نه ڄاتل خرچن کي منهن ڏيڻو پئي سگهي. جيڪڏهن انهن کي ڪا خاص ڳڻتي هجي، ته کين سفر کان اڳ گلوبل ٽريول اينڊ ڪنويننگ ٽيم سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
  • مسافر ذميوار آهن ته اهي پنهنجي منزل ۽ ٽرانزٽ ملڪن جي سڀني داخلا/نڪروڻ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائين، جنهن ۾ ضروري ويزا، ويڪسين جي ثبوت، ۽ انهن سان لاڳاپيل خرچ شامل آهن.
  • Travelers should follow all local public health recommendations.
    • Before Travel: If a traveler feels unwell or is concerned about a possible exposure to an illness that would cause them to become unwell during travel, they should not travel.
    • While Onsite: If a traveler feels unwell or is concerned about a possible exposure to an illness, they should take any meetings virtually from their hotel room. If a traveler becomes too sick to travel home and/or chooses to quarantine based on local public health recommendations, WMF will cover any costs associated with changing their flight or extending their hotel stay.
  • رد ٿيڻ
    • جيڪڏهن ڪو اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ پنهنجي سفر جي بڪنگ کان پهريان منتظمين کي اطلاع ڏئي ٿو ته هو ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي قابل نه آهي، ته هو اڃا به مستقبل جي اسڪالرشپس لاءِ اهل ٿي سگهي ٿو.
    • جيڪڏهن ڪو مسافر پنهنجي ٽڪيٽن جاري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو سفر منسوخ ڪرڻ چاهي، ته کيس روانگيءَ کان گهٽ ۾ گهٽ 72 ڪلاڪ اڳ ٽريول اينڊ ڪنويننگ ٽيم سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هوائي ٽڪيٽن کي منسوخ ڪري سگهجي. اهڙي صورت ۾، اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ هڪ سال لاءِ ڊبليو ايم ايف جي ڪنھن بہ مالي مدد سان ٿيندڙ تقريب (جنهن ۾ وڪيمينيا ۽ وڪيميڊيا ميڙاڪو شامل آهن) لاءِ سفري اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو اهل نه رهندو. ھا پر، بيماري، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي، يا ٻين هنگامي حالتن جهڙوڪ خانداني ايمرجنسي جي صورت ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.
    • جيڪڏهن ڪو اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ ٽريول اينڊ ڪنويننگ ٽيم سان بالڪل به رابطو نه ڪري ("غيرحاضر رهي")، ته اهو سندس مستقبل ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن کان سفري اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي اهل هجڻ تي مستقل اثر وجهي سگهي ٿو.

نوٽس

Policy updated:

See also